آهڙيو آهوڙو

آهڙيو/آهوڙو: جانڊاهي- ترڇا، ڪنڊائتا، کتون نڪتل پھڻ آهُڙا سڏبا آهن. اهو لفظ شاهه لطيف به استعمال ڪيو آهي”آڏ تراڇا آهڙا ڏونگر کي ڏاڪا“. انهن پھڻن کي ٽاڪي، تراشي انهن مان جنڊ، چڪيون، اُکريون ۽ روهيون يا کرل ٺاهڻ وارن ڪاريگرن کي ”آهڙيا“ چئبو آهي. اُهي اِهي ٺاهيل شيون کڻي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ وڃي وڪڻندا به آهن، گهڻو ڪري اها ڪرت لورا ۽ بروهي قوم جا ماڻهو ڪندا آهن. پر ڪي غير مسلم خانه بدوش ۽ عام طور اٽي جي چڪي هلائيندڙ ماڻهو پڻ اهو ڪم ڪن ٿا ۽ گسي ويل جنڊن کي ٽڪي آهوڙي ٻيھر ان پيھڻ لائق بڻائي ڏيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو